سنڌ هڪ عام جائزو

سنڌ هڪ عام جائزو

سنڌ- هڪ عام جائزو

سنڌ- هڪ عام جائزو

سنڌ- هڪ عام جائزو

سنڌ- هڪ عام جائزو

سنڌ هڪ عام جائزو

سنڌ- هڪ عام جائزو (Sindh A General Introduction) ڪتاب: سنڌي ادبي بورڊ جي ’ سنڌ جي تاريخ‘ واري رٿا جي سيريز جو هيءُ پهريون ڪتاب، مشهور انگريز عملدار ۽ مؤرخ ايڇ. ٽي. لئمبرڪ (H.T. Lambrick) تيار ڪيو آهي.
سنڌي ادبي بورڊ، سنڌ جي تاريخ مرتب ڪرڻ لاءِ (History of Sindh Series) هڪ اسڪيم 1951ع ۾ سنڌ سرڪار جي منظوريءَ سان جوڙي هئي، جنهن جو مقصد تاريخ جي اڳ واري دور کان وٺي قيام پاڪستان (1947ع) تائين سنڌ جي هڪ مڪمل تاريخ لکائڻ هو. اصل رٿا موجب 1954ع کان، سنڌ جي تاريخ هيٺين نون جلدن ۾ لکائي تيار ڪرڻ هئي:
(1) جلد پهريون: سنڌ- هڪ عام جائزو، (2) جلد ٻيو: سنڌ اوائلي دور- سنڌو تهذيب، ايرانين، سڪندر اعظم، سٿين، راءِ (ٻڌ) ۽ برهمڻ دور ۽ ان جي زوال تائين، (3) جلد ٽيون: عرب دور،
(4) جلد چوٿون: غزنوين ۽ غورين کان وٺي سومرا دور تائين، (5) جلد پنجون: سمن جو دور، (6) جلد ڇهون: ارغونن، ترخانن ۽ مغلن جو دور، (7) جلد ستون: ڪلهوڙن ۽ دائودپوٽن جو دور، (8) جلد اٺون: ٽالپرن جو دور ۽ (9) جلد نائون: برطانوي دور، سنڌ جي بمبئيءَ کان جدائي ۽ قيام پاڪستان. مختلف دورن جي تاريخ، مختلف عالمن ۽ تاريخدانن کي لکڻ لاءِ ڏني وئي. پهريان ٻه دور ڊاڪٽر ايڇ. ٽي. لئمبرڪ کي لکڻ لاءِ ڏنا ويا هئا، هن پهرين جلد جو پهريون انگريزي ڇاپو 1964ع ۾، ٻيو ڇاپو 1975ع ۾ ۽ ٽيون ڇاپو 1986ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ڇپائي پڌرو ڪيو.
هي ڪتاب سنڌ جو هڪ تاريخي دستاويز آهي. ايڇ. ٽي. لئمبرڪ هن ڪتاب ۾ سنڌ جي تاريخ، جاگرافي ۽ شهريت کي موضوع وار کنيو آهي. هن ڪتاب ۾ تاريخ کان آڳاٽي دور
(Pre Historian) کان وٺي برطانوي راڄ ۽ قيام پاڪستان تائين جي سنڌ جي تاريخ کي بيان ڪيو ويو آهي.
ڪتاب جي مهاڳ ۾ لئمبرڪ لکيو آهي ته، ”هن سنڌ جي تاريخ تي آڳاٽي زماني کان جاگرافيائي ۽ آبهوائي اثر ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اهڙي جائزي ۾ ظاهر آهي ته ڪيترن ئي مختلف ماهرن جهڙوڪ: جيالاجسٽن، هائيڊروگرافن سان گڏ آرڪيالاجسٽن، جاگرافيدانن ۽ تاريخدانن جا رايا شامل آهن. باقي مواد منهنجي ذاتي مُشاهدن ۽ ڄاڻ تي مشتمل آهي، جيڪا مون ڪي ورهيه سنڌ ۾ گهاري اُتان جي رهواسين کان حاصل ڪئي هئي. مون پنهنجي سرڪاري نوڪريءَ دوران سنڌو درياهه ۾ سکر کان ڇوڙ تائين اوڀارو ۽ لهوارو ڪيترائي ڀيرا سفر ڪيو. اُن وقت سکر بئراج اڃا مڪمل نه ٿيو هو، پوءِ 1941ع ۾ آدمشماريءَ جي نگران هئڻ جي حيثيت سان مون کي اندرون سنڌ کي تمام ويجهڙائيءَ کان ڏسڻ جو موقعو مليو.“
هن ڪتاب ۾ ايڇ. ٽي. لئمبرڪ پنهنجي مهارت ۽ محنت سان نقشا ۽ فوٽو به شامل ڪيا آهن، جيڪي وڏي اهميت جا حامل آهن. سنڌ (هڪ عام جائزو) ڪتاب ۾ جاگرافيائي حالتن کانسواءِ اُڀرندي رڻ پٽ، سنڌ جي ميدانن ۽ سنڌو ندي، سنڌ جي ٽاڪرو (جابلو) علائقن، سنڌ جي تاريخ کان اڳ جي اوائلي تهذيبن، تهذيب '>سنڌو تهذيب (بيهڪ ۽ آبهوا)، سنڌ آڳاٽي تاريخي زماني ۾، سنڌ پوءِ وارن ڪلاسيڪي تذڪرن موجب، سنڌ ستين ۽ اٺين صدي عيسويءَ ۾، سنڌ مسلمانن جي زماني ۾، سنڌ جا نسل ۽ ماڻهو، سنڌي ٻوليءَ جهڙن موضوعن تي لکيو ويو آهي.
هن ڪتاب ۾ هندي رڻ پٽ جي وڃايل ندي، وچولي زماني جي عرب جاگرافيدانن جي سنڌ تي لکڻين وارا موضوع ضميمي طور شامل ڪيا ويا آهن. هن ڪتاب جو سنڌي ترجمو سليم احمد ڪيو آهي، جنهن جو پهريون ڇاپو 1982ع ۾ ٻيو ڇاپو 1992ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو